اسلام آباد : اقتصادي معاملن واري وزارت جو ايڪس اڪائونٽ گذريل رات دير سان هيڪ ڪيو ويو. اقتصادي معاملن واري وزارت جي ترجمان تصديق ڪئي ته ايڪس اڪائونٽ هيڪ ڪيو ويو هو ۽ چيو ته هن وقت دوران ايڪس تي ڪيل ڪنهن به پوسٽ جو وزارت سان ڪو به تعلق نه هو. ياد رهي ته ٻه ڏينهن اڳ، نيشنل سائبر ايمرجنسي رسپانس ٽيم ڀارتي جارحيت کانپوءِ ملڪ ۾ سائبر حملن کي نظر ۾ رکندي هڪ اهم ايڊوائزري جاري ڪئي هئي.