واشنگٽن: نائب آمريڪي صدر جي دي وينس واضح ڪيو آهي ته آمريڪا پاڪ ڀارت تڪرار ۾ ڪنهن به قسم جي مداخلت نه ڪندو.
آمريڪا جي نائب صدر جي ڊي وينس آمريڪي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي چيو آهي ته آمريڪا اهڙي جنگ ۾ مداخلت نه ڪندو جنهن ۾ انهي جو ڪوبه مطلب نه هجي.
آمريڪي نائب صدر چيو ته ڀارت حملو ڪيو، پاڪستان جواب ڏنو، ٻنهي ملڪن کي ٿڏي دماغ سان سوچڻ گهرجي، پاڪ ڀارت جنگ ايٽمي جنگ نه بنجڻ گهرجي جيڪڏهن ائين ٿيو ته تمام گهڻو نقصان ٿيندو.
آمريڪي نائب صدر جي دي وينس چيو ته اسان ٻنهي ملڪن جي جنگ ۾ مداخلت نٿا ڪري سگهون. اهو ضرور آهي ته آمريڪا سفارتڪاري جو رستو اختيار ڪري سگهي ٿو.
انهي کان اڳ خميس تي وزيراعظم شهباز شريف سان آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو رابطو ڪيو هو، آمريڪي پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ ڀارت ٻنهي کي ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.