پاڪستان ۾ هلندڙ هفتي گرمي جو عالمي رڪارڊ بڻجي سگهي ٿو، آمريڪي اخبار خبردارڪري ڇڏيو

واشنگٽن: آمريڪي اخبار خبردار ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ هلندڙ هفتي گرمي جو عالمي رڪارڊ بڻجي سگهي ٿو.

واشنگٽن پوسٽ چيو آهي ته هلندڙ هفتي ڏکڻ ايشيا ۾ گرمي 50 ڊگري جي عالمي رڪارڊ تي پهچي سگهي ٿو. آمريڪي اخبار خبردار ڪيو آهي ته پاڪستان جي اوڀر ۽ ڏاکڻي علائقن ۾ گرمي پد 50 ڊگري تائين پهچي سگهي ٿو.

ياد رهي ته انهي کان اڳ پاڪستان جي شهر نوابشاهه ۾ 2018 جي اپريل ۾ گرمي پد 50 ڊگري تائين پهچي ويو هو جيڪو ايشيا ۾ گرمي جو رڪارڊ هو. ٻئي طرف پنجاب ۾ اڄ کان تيز هوائن سان برسات جو الرٽ جاري ڪيو ويو آهي.

پي ڊي ايم اي ترجمان موجب 30 اپريل کان 04 مئي تائين راولپنڊي، مري، گليات، اٽڪ، چڪوال، منڊي بهاءُالدين، گجرات، جهلم ۽ گوجرانوالا ۾ تيز هوائون هلڻ ۽ کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي.

انهي کان علاوه لاهور، قصور، سيالڪوٽ، نارووال، اوڪاڙه، فيصل آباد سميت ٻين شهرن ۾ به تيز هوا ۽ برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.