سنڌ جي مختلف شهرن ۾ گرمي جي لهر 18 اپريل تائين جاري رهڻ جو امڪان

ڪراچي: موسميات کاتي سنڌ جي لاءِ هيٽ ويو جو الرٽ جاري ڪندي چيو آهي ته صوبي جي مختلف شهرن ۾ گرمي جي لهر 18 اپريل تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي.

پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ موسم جي صورتحال تي نظر رکندڙ موسميات کاتي چيو آهي ته گرمي جي جاري لهر ڏينهن وقت دادو، شهيد بينظير آباد، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو سکر ضلعن ۾ گرمي پد معمول کان 6 کان 8 ڊگري وڌيڪ رهڻ جو امڪان آهي.

انهي کان علاوه بدين، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ ۽ حيدرآباد جي ضلعن ۾ گرمي پد معمول کان 4 کان 6 ڊگري وڌيڪ رڪارڊ ٿي سگهي ٿو.

موسميات کاتي موجب انهي دوران ڪراچي، ٺٽو، سجاول، بدين، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، سانگهڙ، حيدرآباد ۽ ڄامشورو جي ضلعن ۾ ڪنهن ڪنهن هنڌ تي تيز هوائون هلڻ جو به امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

اهڙي صورتحال ۾ هيٽ ويو کي نظر ۾ رکندي عوام خاص طور تي ٻارن، عورتن ۽ بزرگ شهرين کي احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي.

موسميات کاتي چيو آهي ته ڏينهن جي وقت سڌو سنئون سج جي روشني کان بچو ۽ پاڻي جو وڌ کان وڌ استعمال ڪريو. ڪراچي ڊويزن ۾ ايندڙ 3 ڏينهن جي لاءِ موسم جي اڳڪٿي موجب ڪراچي ۾ نمي جو تناسب وڌڻ سبب اصلي گرمي پد کان وڌيڪ گرمي محسوس ڪري سگهجي ٿي، صبح جي وقت نمي جو تناسب 70 کان 80 ۽ شام جو 50 کان 60 سيڪڙو رهڻ جي اميد آهي انهي کان علاوه 3 ڏينهن جي دوران موسم ڪڏهن ڪڏهن هوا سان گڏ گرم ۽ وچولو رهي سگهي ٿو. انهي دوران وڌ کان وڌ گرمي پد 35 کان 37 ڊگري رڪارڊ ٿي سگهي ٿو.