ڪرونا هاڻي به عالمي وبا رهي آهي يا نه؟ فيصلو هلندڙ هفتي ۾ ئي ٿيندو؛ ڊبليو ايڇ او

لنڊن؛ ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (ڊبليو ايڇ او) جو چوڻ آهي ته ڪورونا وائرس جي ايمرجنسي حيثيت بابت هڪ اعليٰ سطحي ڪميٽي هن ئي هفتي فيصلو ڪندي.
ياد رهي ته ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (ڊبليو ايڇ او) ڇهه مهينا اڳ ڪوڊ 19 کي عالمي هنگامي حالت قرار ڏنو هو.
ڊبليو ايڇ او جي سربراهه ٽيڊروس صحافين کي ٻڌايو ته ڊبليو ايڇ او جي هنگامي ڪميٽي اعلان تي ٻيهر نظر ثاني ڪندي ته ڪوڊ 19 وبا عوامي صحت واري ايمرجنسي يا عالمي خطرو آهي..
پي ايڇ آئي آئي سي مطلب ايمرجنسي جي اعليٰ ترين سطح جو هر ڇهن مهينن بعد جائزو وٺڻ لازمي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔