پاڪستان مقرر وقت کان اڳ ئي گدلاڻ ۽ ماحولياتي تبديلين تي ضابطو آڻيندڙ پهريون ملڪ بڻجي ويو

اسلام آباد : پاڪستان مقرر وقت کان اڳ ئي گدلاڻ ۽ ماحولياتي تبديلين تي ضابطو آڻيندڙ پهريون ملڪ بڻجي ويو.

وزيراعظم عمران خان ٽوئيٽر تي عالمي اداري جي هڪ ويڊيو شيئر ڪئي، جنهن ۾ هن لکيو ته ”گدلاڻ جي تدارڪ ۽ ماحولياتي تبديلي جي خطرناڪ اثرن کان بچاءَ کي نظر ۾ رکندي پاڪستان کي صاف ۽ سرسبز بڻائڻ لاءِ ڪئي ويندڙ پنهنجي ڪوششن تي فخر آهي“.

شيئر ڪيل ويڊيو ۾ گدلاڻ ۽ ماحولياتي تبديلي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستاني ڪوششن کي ڏيکاريو ويو آهي ۽ انهن کي ساراهه جوڳو قرار ڏنو ويو آهي.

ويڊيو ۾ عالمي اداري ماحولياتي تبديلين خلاف پاڪستاني حڪومت جي قدمن کي ساراهيندي ٻڌايو آهي ته پاڪستان ترقي يافته ملڪن آمريڪا ۽ برطانيا کي پوئتي ڇڏيندي 10 سال اڳ ئي هدف حاصل ڪري ورتو آهي.

عالمي اداري موجب پاڪستان هدف حاصل ڪري پاڻ کي هڪ اهڙو ملڪ ثابت ڪيو، جيڪو عالمي ڪوششن ۾ سنجيدگيءَ سان پرعزم آهي ۽ جنهن جو مقصد ماحولياتي تبديلي جي مسئلي کي منهن ڏيڻ آهي.

ويڊيو ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان گڏيل قومن جي ماحولياتي تبديلي بابت هدفن کي 10 سال اڳ ۾ مڪمل ڪري ورتو ۽ پاڪستان تيزي سان ماحولياتي تبديلي جي چئلينج جو مقابلو ڪري رهيو آهي.

عالمي اداري موجب پاڪستان اربين وڻ پوکي ماحولياتي تبديلي جو مقابلو ڪيو، هاڻ پاڪستان ڪلين انرجي، اليڪٽرڪ گاڏين ڏانهن وڃي رهيو آهي، پاڪستان گرين جابز سامهون آڻي رهيو آهي.

ويڊيو ۾ وزيراعظم عمران خان جي ورلڊ اڪنامڪ فورم کي خطاب ۽ ٻين قدمن کي به ڏيکاريو ويو آهي.

واضح رهي ته گڏيل قومن طرفان ڏنل پائيدار ترقي جي 17 هدفن تي عمل جي ڊيڊ لائن 2030 آهي پر پاڪستان 10 سال اڳ اهو هدف حاصل ڪري ورتو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔