حليمه سلطان جي جاء تي انجلينا جولي کي پي ايس ايل جو ايمبيسيڊر بڻايو وڃي: ياسر حسين

ڪراچي: پاڪستاني اداڪار ياسر حسين پاڪستان سپر ليگ جي فرنچائز پشاور زلمي جي برانڊ ايمبيسيڊر ترڪ اداڪاره اسريٰ بلجڪ جي جڳهه هالي ووڊ اداڪاره انجلينا جولي کي ٺاهڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي.ياسر حسين جو شمار پاڪستان شوبز انڊسٽري جي ان فنڪارن ۾ ٿيندو آهي جيڪي شروعات کان ئي ترڪ ڊرامي ارطغرل غازي کي پاڪسان جي سرڪاري ٽي وي چينل تي نشر ڪرڻ جا مخالف آهن.ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن مشهور پاڪستاني موبائل ڪمپني ترڪ اداڪاره اسريٰ بلجڪ(حليمه سلطان) کي پنهنجو برانڊ ايمبيسيڊ مقرر ڪيو هو ته ياسر حسين پاڪستاني فنڪارن جي جڳهه هڪ پرڏيهي اداڪاره کي ايمبيسيڊر ٺاهڻ تي به سخت تنقيد ڪئي هئي ۽ هن هاڻ اسريٰ بلجڪ کي پي ايس ايل فرنچائز پشاور زلمي جو برانڊ ايمبسيڊر مقرر ڪرڻ جي به مخالفت ڪئي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔