هانيه ۽ منهنجو تعلق سمجهڻ ناممڪن آهي: عاصم اظهر

لاهور: اداڪاره هانيه عامر کان پوءِ گلوڪار عاصم اظهر به پنهنجي لاڳاپن تي خاموشي ختم ڪندي چيو آهي ته اسان جو تعلق هڪ ليبل کان وڌيڪ آهي. گلوڪار عاصم اظهر ۽ اداڪاره هانيه عامر کي شوبز انڊسٽري جي ٻين جوڙين جيان تمام گهڻي موٽ ملي هئي ايستائين جو ٻنهي جي شادي جون خبرون به هلي رهيون هيون ۽ هي ٻئي فيشن شو سميت هر ايونٽ تي گڏ ئي نظر ايندا هئا. پر هاڻ ٻنهي پنهنجا رستا ڌار ڪري ڇڏيا آهن جنهن جو اعتراف پاڻ اداڪاره ڪيو آهي.اداڪاره هانيه عامر گلوڪاره آئمه بيگ سان ڳالهيون ڪندي گلوڪار عاصم اظهر سان تعلق جي ترديد ڪندي چيو هو ته اسان ٻئي گڏ ناهيون. پر اسان جي وچ ۾ صرف ۽ صرف دوستي جو تعلق آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔