ٺري ميرواهه ۾ شاگردن سان بدفعلي واري ڪيس ۾ گرفتار استاد سارنگ شر2 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي

خيرپور : ٺري ميرواهه ۾ شاگردن سان بدفعلي واري ڪيس ۾ گرفتار استاد سارنگ شر ٻن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي، خيرپور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پوليس طرفان 14 ڏينهن جي رمانڊ لاءِ داخل درخواست رد ڪري ڇڏي، گذريل ڏينهن گرفتار ٿيل استاد سارنگ شر کي سخت سيڪيورٽي ۾ خيرپور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، پوليس چيو آهي ته جوابدار اسد شر کي هڪ سان بدفعلي جي ڪيس ۾ پيش ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ دهشتگردي جا قلم به شامل هئا، ڊاڪٽرز جي ٽيم پوليس جي موجودگيءَ ۾ جوابدار سارنگ شر جا جُزا وٺي ڇڏيا، ٽيسٽ لاءِ ليبارٽري اُماڻيا ويندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔