شرجيل ميمڻ جي محسن نقوي سان ملاقات، وفاق ۽ سنڌ ۾ تعاون وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي اتفاق

اسلام آباد:  شرجيل ميمڻ ۽ محسن نقوي جي وچ ۾ ٿيل اهم ملاقات ۾ وفاق  ۽ سنڌ ۾ تعاون وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي.

 

سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي وچ ۾ اهم ملاقات ٿي جنهن ۾ ملڪي امن امان، عالمي  تعاون، منشيات جي خاتمي ۽ عوامي خدمتن جي بهتري سميت مختلف اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ملاقات جي دوران ڪراچي سميت سنڌ جي وڏن شهرن ۾ منشيات جي روڪٿام ۽ امن امان جي صورتحال تي تفصيلي  ڳالهيون ڪيون ويون. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سنڌ حڪومت کي ڪچي جي علائقن ۾ ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين جي خلاف ڪامياب آپريشن تي مبارڪباد به ڏني.

انهي موقعي تي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ موثر رابطه ۽ تعاون قومي چيلنجز کي منهن ڏيڻ جو بهترين ذريعو آهي. هن انهي ڳالهه تي زور ڏنو ته قوي مفادن جي معاملن ۾ سمورن ادارن ۽ حڪومتن کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي.

شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت ڏوهارين جي خاتمي ۽ امن امان جي قيام ۽ عوام جي تحفظ لاءِ پنهنجون ڪوششون وڌيڪ تيزڪندي.

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته امن امان جي قيام ۽ منشيات جي روڪٿام لاءِ وفاقي حڪومت هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. هن سنڌ پوليس جي ڪارڪردگي جي تعريف ڪندي چيو ته سنڌ پوليس چيلنجنگ حالتن ۾ بهادري، پيشوارانه مهارت ۽ ارادي جو مظاهرو ڪندي امن امان جي بحالي لاءِ تعريف جوڳو ڪردار ادا ڪيو آهي.

ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن انهي ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته وفاق ۽ سنڌ حڪومت جي وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ مضبوط بنائي عوامي مسئلن جي حل ۽ بهتر حڪمراني کي يقيني بنايو ويندو.

 

تبصرے بند ہیں۔