ڪوئٽه: بلوچستان ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي بحران سبب هڪ ليٽر پيٽرول، ڊيزل 500 روپين ۾ وڪرو ٿيڻ لڳو آهي.
ڪوئٽه ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي کوٽ سبب مختلف علائقن ۾ اڃان تائين ڪجهه پيٽرول پمپس بند پيل آهن، جيڪي پيٽرول پمپ کليل آهن انهن تي شهرين جو رش وڌي ويو آهي، ڊگهيون قطارون نظر اچي رهيون آهن جنهن سبب شهري ذهني اذيت جو شڪار ٿي ويا آهن.
صوبي جي مختلف علائقن ۾ پيٽرول جي کوٽ جو بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي، نوشڪي، خاران، لورالائي ۾ في ليٽر قيمت 500 روپين تائين پهچي وئي آهي.
صدر پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن قيام الدين آغا موجب شڪارپور مان پيٽرول جي فراهمي ۾ اضافو ڪيو ويو آهي، هڪ ٻن ڏينهن ۾ صورتحال معمول تي اچي ويندي.
تبصرے بند ہیں۔