سنڌ حڪومت ميٽرڪ ۽ انٽرميڊيٽ جي نتيجن جي تاريخن جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي:  سنڌ حڪومت ميٽرڪ ۽ انٽرميڊيٽ جي نتيجن جي تاريخ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ميٽرڪ جا نتيجا  19 جولاءِ جڏهن ته انٽرميڊيٽ جا 31 جولاءِ تي نتيجا جاري ڪيا ويندا.

صوبائي وزير ڪاليج ۽ يونيورسٽيز اسماعيل راهو جي صدارت هيٺ سمورن تعليمي بورڊز جو اجلاس ٿيو جنهن دوران سنڌ ۾ ميٽرڪ ۽ انٽرميڊيٽ جي سالانه امتحانن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس دوران سمورن تعليمي بورڊز جي چيئرمينن پنهنجي ڊويزنن ۾ منعقد امتحانن بابت بريفنگ ڏني.

اسماعيل راهو چيو ته سنڌ جي سمورن ڊويزنن ۾ ميٽرڪ جا نتيجا 10 جولاءِ تائين ۽ انٽرميڊيٽ جا نتيجا 31 جولاءِ تائين جاري ڪيا ويندا. نتيجا مقرر وقت تي جاري ڪيا وڃن ته جيئن شاگردن کي وقت تي داخلائن ۾ سهولت ملي جڏهن ته تعليمي بورڊز ۾ شفافيت، ميرٽ ۽ امتحاني نظام جي بهتري لاءِ هر ممڪن مدد ڪنداسين.

اجلاس دوران صوبائي وزير کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته تعليمي بورڊز نائين ۽ يارهين ڪلاس جا نتيجا 31 آگسٽ تائين جاري ڪندو.

تبصرے بند ہیں۔