ڪراچي: ڪمپيوٽر جي دنيا تبديل ٿي رهي آهي ۽ ايندڙ هفتي مائيڪروسافٽ ۽ اينويڊيا اهڙو ڪمپيوٽر متعارف ڪرائين پيا جنهن ۾ ونڊوز سيسٽم جو پروسيسر چپس تي هلندو.
آمريڪي ويب سائيٽ آڪسيو نيوز ذريعن جي حوالي سان شايع ڪيل خبر ۾ دعوا ڪئي آهي ته مصنوعي ذهانت جي شعبي ۾ دنيا جي وڏي ڪمپني اينويڊيا پنهنجو دائرو هاڻي پرسنل ڪمپيوٽر (پي سي) جي دنيا تائين وڌائي رهي آهي.
رپورٽ موجب اڳ ۾ مائيڪرو سافٽ جي پهرين AI پي سي مهم گهڻي ڪامياب نه رهي، پر اينويڊيا جي اچڻ سان ڪمپني کي هڪ نئون موقعو ملي سگهي ٿو، خاص طور تي جڏهن دنيا جي سڀ کان وڌيڪ مشهور چپ ٺاهيندڙ ڪمپني ان سان گڏ هجي.
رپورٽ موجب تائيوان ۾ رٿيل صنعتي ڪانفرنس ’ڪمپيوٽيڪس‘ ۽ سان فرانسسڪو رٿيل ’مائيڪرو سافٽ بلڊ‘ ۾ نئون چپس تي هلندڙ ڪمپيوٽر نمائش لاءِ سامهون اچڻ جو امڪان آهي. رپورٽ ۾ ذريعن جي حوالي سان چيو ويو آهي ته اينويڊيا جي چپس تي هلندڙ مائيڪروسافٽ سان گڏ ڊيل ۽ ٻين ڪمپنين طرفان پڻ پيش ڪيا ويندا.
مائيڪرو سافٽ اهڙو سافٽ ويئر به متعارف ڪرائڻ جي تياري ڪري رهي آهي جيڪو صارفين لاءِ AI ايجنٽن کي پنهنجي ونڊوز ڪمپيوٽر تي مقامي طور ڪم ڪرائڻ وڌيڪ آسان بڻائيندو. اينويڊيا، جنهن پنهنجي شروعات پي سي گرافڪس چپس ٺاهڻ سان ڪئي هئي، ڪيترن سالن کان پي سي پروسيسر ڪاروبار ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي، پر هاڻي ئي واضح ٿيو آهي ته ان جي باقاعده شروعات جي ويجهو آهي.
جمعي ڏينهن ايڪس (X) تي هڪ پوسٽ ۾ Nvidia لکيو: “پي سي جو نئون دور” ۽ اهڙا ڪوآرڊينيٽس شيئر ڪيا جيڪي تائيوان جي هڪ هنڌ ڏانهن اشارو ڪن ٿا.
مصنوعي ذهانت يعني AI جو گهڻو ڪم اڃا تائين ڪلائوڊ ۾ ٿئي ٿو، مائيڪرو سافٽ جو مقامي طور AI هلائڻ وارو منصوبو هاڻي وڌيڪ ماڻهن ۽ ڪاروبارن لاءِ پرڪشش ٿي سگهي ٿو.
تبصرے بند ہیں۔