يو اي اي پاران پيٽرول جي في ليٽر قيمت وڌائڻ جو اعلان

دبئي(ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب امارات (ابوظهبي) جي فيول پرائس ڪميٽي پاران جون جي مهيني لاءِ پيٽرول ۽ ڊيزل جي نئين قيمتن جو اعلان ڪيو ويو آهي. نئين قيمتن موجب، سپر 98 پيٽرول جي قيمت 3.66 درهم مان وڌائي 3.95 درهم في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي. اهڙي طرح اسپيشل 95 پيٽرول هاڻي 3.83 درهم في ليٽر ۾ دستياب هوندو، جڏهن ته مئي جي مهيني ۾ ان جي قيمت 3.55 درهم هئي. گڏيل عرب امارات ۾ اي پلس (E-Plus) پيٽرول جي قيمت وڌائي 3.76 درهم في ليٽر ڪئي وئي آهي، جيڪا مئي ۾ 3.48 درهم هئي. ٻئي طرف، امارات ۾ ڊيزل جي قيمت ۾ واڌ بدران گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جيڪا 4.69 درهم مان گهٽائي 4.33 درهم في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.

تبصرے بند ہیں۔