نيپالي بيٽر جو ٽي 20 ميچ ۾ هڪ ئي اوور ۾ 6 ڇڪا هڻڻ جو رڪارڊ

ڍاڪا : نيپالي ڪرڪيٽ ٽيم جي اوپنر ڪوشل بهرتيل ٽي ٹوئنٽي انٽرنيشنل ميچ ۾ هڪ ئي اوور ۾ 6 ڇڪا هڻي ڇڏيا، چين خلاف کيڏيل ان ميچ ۾ ڪيترائي نوان رڪارڊ قائم ٿي ويا.نيپال مينز ڪرڪيٽ ٽيم آچر ڏينهن ٽي ٹوئنٽي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ هڪ نئين تاريخ رقم ڪري ڇڏي. هوءَ ٽي ٹوئنٽي انٽرنيشنل ۾ 2 ڀيرا 300 کان وڌيڪ رنز اسڪور ڪندڙ دنيا جي پهرين ٽيم بڻجي وئي آهي. آچر ڏينهن سنگاپور ۾ کيڏيل ايشين گيمز ڪواليفائر ۾ نيپال چين خلاف مقرر 20 اوورن ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي 313 رنز جو جبل جهڙو پهاڙ بيهاري ڇڏيو. ان اننگز ۾ مجموعي طور تي 29 ڇڪا شامل هئا. نيپال جي هن وڏي اسڪور ۾ اوپنر ڪوشل بهرتيل جي طوفاني بيٽنگ شامل هئي، جنهن صرف 43 گيندڙن تي 129 رنز اسڪور ڪيون. سندس اننگز ۾ 16 ڇڪا شامل هئا. ڪوشل بهرتيل جي اننگز جو سڀ کان يادگار لمحو 9 هون اوور هو، جنهن ۾ هن چين جي اسپنر ‘چين زوو يي’ (Chen Zhuo Yue) جي هڪ ئي اوور ۾ 6 ڇڪا هنيا ۽ ان اوور ۾ مجموعي طور تي 37 رنز ٻهاري ورتيون. ڪوشل بهرتيل ٽي ٹوئنٽي انٽرنيشنل ميچ جي هڪ اوور ۾ 6 ڇڪا هڻندڙ دنيا جو ڇهون بيٽر بڻجي ويو آهي. هن کان اڳ ڀارت جو يوراج سنگھ، ويسٽ انڊيز جو ڪيرون پولارڊ، نيپال جو ديپندرا سنگھ، ساموا جو ديريئس وائيزر ۽ بلغاريا جو منان بشير اهو ڪارنامو سرانجام ڏئي چڪا آهن. نيپال پاران چين خلاف ٺاهيل 313 رنز ٽي ٹوئنٽي انٽرنيشنل ۾ تاريخ جو ٽيون سڀ کان وڏو اسڪور آهي. ان کان اڳ زمبابوي 344 ۽ نيپال پاڻ (هڪ ٻي ميچ ۾) 314 رنز ٺاهي چڪي آهي.

تبصرے بند ہیں۔