ڍاڪا : بنگلاديشي ڪرڪيٽر شڪيب الحسن هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ لاءِ ڪرڪيٽ کيڏڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي.39 سالن جي شڪيب الحسن سوشل ميڊيا تي هڪ پيغام ۾ قومي ٽيم جي نمائندگي ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي چيو ته ميڊيا سان منهنجي تازي ڳالهه ٻولهه تمام گهڻي بحث کي جنم ڏنو آهي، تنهن ڪري مان سڀ ڪجهه واضح ڪرڻ چاهيان ٿو.شڪيب الحسن چيو ته هن وقت منهنجو پورو ڌيان صرف ڪرڪيٽ تي آهي، منهنجي ڪيريئر جي هن آخري مرحلي ۾ منهنجي خواهش بنگلاديش لاءِ کيڏڻ آهي، جيڪڏهن مون کي موقعو مليو ته مان پنهنجي بهترين ڪارڪردگي سان ملڪ کي يادگار پرفارمنس ڏيڻ جي ڪوشش ڪندس.هن چيو ته سياست ڪنهن به ملڪ جي ترقي لاءِ اهم آهي، ڪرڪيٽ مان رٽائرمينٽ کان پوءِ مان پنهنجي ملڪ جي ترقي ۾ به حصو وٺڻ چاهيان ٿو، پر اهو ضروري ناهي ته اهو صرف سياست ذريعي ڪيو وڃي، ملڪ لاءِ ڪم سياست کان سواءِ به ڪري سگهجي ٿو.
تبصرے بند ہیں۔