عاشر وجاهت جي مديني ۾ نعت پڙهڻ واري وڊيو مداحن کي وڻي وئي

ڪراچي:  پاڪستاني اداڪار ۽ ڳائڻي عاشر وجاهت جي مديني ۾ نعت پڙهندي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي مداحن جي ڌيان جو مرڪز بڻجي وئي آهي.اداڪار فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي پنهنجي وڊيو شيئر ڪئي، جنهن ۾ هن کي مديني ۾ عقيدت ۽ محبت سان نعت پڙهندي ڏسي سگهجي ٿو، جنهن جي هن وڊيو جي ڪيپشن ۾ لکيو ته دنيا ۾ ڪٿي به مديني جهڙو امن ناهي.وڊيو کي مداحن پاران تمام گهڻو پسند ڪيو پيو وڃي ۽ سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙ سندس آواز ۽ جذبات جي تعريف ڪري رهيا آهن.

تبصرے بند ہیں۔