اسلام آباد:حڪومت مراعات تي پابندي جي سلسلي ۾ سرڪاري ملازمن جي الائونسز سميت ٻيون سموريون ادائيگيون روڪي ڇڏيون آهن.
ذريعن موجب حڪومت جي خصوصي هدات تي اي جي پي آر سرڪاري ملازمن جي الائونسز سميت هر قسم جون ادائيگيون ٻئي حڪم اچڻ تائين روڪي ڇڏيون آهن. انهي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته اي جي پي آر جي طرفان هن وقت صرف پگهارن جي ادائيگي جو عمل ئي جاري رکيو ويو آهي.
ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته اهي سخت قدم آءِ ايم ايف سان جاري ڳالهين جي حوالي سان کنيا ويا آهن. حڪومت مالياتي حدف جي مقرر بينچ مارڪ کي هر صورت ۾ پورو ڪرڻ چاهي ٿي جنهن سبب ٻيون سموريون ادائيگيون ٻئي حڪم اچڻ تائين معطل رکيون ويون آهن.
تبصرے بند ہیں۔