تهران : اڄ 19 مارچ تي ايران خلاف آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگ جو 19 هون ڏينهن آهي ۽ ڌرين جا هڪٻئي تي حملا جاري آهن. اسرائيل چيو آهي ته ايراني ميزائلن جي لهر اڄ منجهند شروع ٿي وئي آهي هنن پنهنجي شهرين کي مورچن ۾ وچڻ جي صلاح ڏني آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن ايران قطر جي توانائي مرڪزن تي حملا بند نه ڪيا ته هو ايران جي وڏي ۾ وڏي گيس فيلڊ پارس کي مڪمل طور تباهه ڪري ڇڏيندو. سندس چتاءَ بعد به ايران قطر جي راس لفان ريفائينري تي حملو ڪيو آهي. هي دنيا جي وڏي ۾ وڏي ايل اين جي ريفائنري آهي. قطر حملن جي مذمت ڪندي ايران جي ملٽري ۽ سيڪيورٽي اتاشين کي ناپسنديده شخصيتون قرار ڏيندي 24 ڪلاڪن ۾ ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏنو آهي. راس لفان دنيا ۾ 20 سيڪڙو ايل اين جي پيدا ڪندڙ آمريڪا کانپوءِ ٻئي نمبر تي وڏي ريفائنري آهي. پرشن گلف جي اترين حصي تي قطر ۽ ڏاکڻي حصي تي ايران جي گيس ريفائنري پارس آهي، جيڪا ايران جي 70 سڪڙو گهريلو کپت پوري ڪري ٿي. راس لفان فرٽيلائيزر ۽ هيليم به پيدا ڪري ٿي ، هيليم مائيڪرو چپس ۾ استعمال ٿيندي آهي ۽ دنيا جي ڪل پيداوار جو 25 سيڪڙو هيليم قطر فراهم ڪندو آهي.
تبصرے بند ہیں۔