لاهور: عيدالفطر جي موقعي تي پاڪستان ۾ فهد مصطفيٰ، مائره خان ۽ تابش هاشمي جي (آگ لگي بستي مين) سميت ٻيون فلمون به رليز ٿينديون.
پاڪستاني شوقينن کي هن عيدالفطر تي ٽي وي اسڪرينز ۽ سئنيما گهرن ۾ به تفريح ڏسڻ جي لاءِ ملندي. گذريل ڪجهه سالن ۾ پاڪستان جي فلم انڊسٽري مشڪلات جو شڪار رهي آهي. خاص طور تي ڪورونا کان پوءِ فلمن جي بحالي هڪ دفعو ٻيهر متاثر ٿي ۽ شوقين نين فلمن جي انتظار ۾ رهيا.
هن سال عيدالفطر 2026 تي صورتحال تبديل ٿيندي نظر اچي رهي آهي ڇو ته نيون فلمون سئنيما گهرن ۾ رليز ٿينديون ۽ ان سان گڏ ئي ڪجهه وڏين پاڪستاني فلمن جا ورلڊ ٽيليويزن پريميئرز به ڏسڻ جي لاءِ ملندا.
سئنيما گهرن ۾ رليز ٿيندڙ فلمون:
”آگ لگي بستي مين“
مشهور اداڪار، ميزبان فهد مصطفيٰ ۽ مائره خان هن عيد تي وڏي اسڪرين تي نظر ايندا، اها فلم هڪ مزاحيه ايڪشن فلم آهي جنهن ۾ ليجنڊري اداڪار جاويد شيخ به شامل آهي. مشهور ڪاميڊين تابش هاشمي به هن فلم ۾ اداڪاري جي دنيا ۾ قدم رکي رهيو آهي. باڪس آفيس تي به وڏي ڪاميابي جي اميد ڪئي پئي وڃي.
”بلها“
اها فلم به عيدالفطر 2026 تي رليز ٿيندي جنهن جي ذريعي شان شاهد سلور اسڪرين تي واپسي ڪري رهيو آهي انهي فلم ۾ هو هڪ اهڙي ڪردار ۾ نظر ايندو جيڪو مظلومن کي انصاف ڏيارڻ جي لاءِ جدوجهد ڪندو آهي.
”دهلي گيٽ“
اها به هڪ وڏي پاڪستاني فلم آهي جيڪا هن عيد تي سئنيما گهرن جي زينت بڻجندي جنهن ۾ جاويد شيخ، شمعون عباسي، ياسر خان ۽ روما مائڪيل سميت ٻيا اداڪار پڻ شامل آهن.
ٽي وي تي پريمئر ٿيندڙ وڏيون فلمون:
”لوگرو“
ماهره خان ۽ همايون سعيد جي فلم گذريل سال عيد تي رليز ٿي هئي هاڻ انهي جو پريميئر عيدالفطر جي موقعي تي ٿيندو اها هڪ مزاحيه فلم آهي جنهن کي ڏسندڙ فيملي سان گڏ ويهي انجوائي ڪندا.
”نيلوفر“
انهي فلم جي ذريعي فواد خان وڏي پردي تي واپسي ڪئي هئي، ڏٺو وڃي ته اها فلم باڪس آفيس تي وڌيڪ ڪامياب نه ٿي سگهي پر هاڻ ڏسندڙن انهي کي ٽي وي تي ڏسندا اها فلم فواد خان ۽ ماهره خان جي مداحن لاءِ خاص تحفو هوندي.
”دي ليجنڊ آف مولاجٽ“
اها پاڪستان جي سڀني کان وڌيڪ ڪمائي ڪندڙ فلم آهي جنهن ۾ فواد خان، حمزه علي عباسي، ماهره خان ۽ همائمه ملڪ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا هئا انهي فلم جو عيدالفطر تي ورلڊ ٽي وي پريميئر ڪيو ويندو.
تبصرے بند ہیں۔