قاضي احمد: قومي شاهراهه تي ٻن ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ 5 ڄڻا فوت، 25 کان وڌيڪ زخمي

قاضي احمد:   قاضي احمد ڀرسان قومي شاهراهه تي پيش آيل ٻن ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ 5 ڄڻا فوت جڏهن ته 25 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا.

ريسڪيو ذريعن موجب پهريون حادثو قومي شاهراهه جي کٻڙ اسٽاپ وٽ پيش آيو، جتي تيز رفتار مسافر ڪوچ بي قابو ٿي ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 مسافر فوت ٿي ويا جڏهن ته 20 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا. فوتين جي سڃاڻپ اڃان تائين نه ٿي سگهي آهي.

ٻيو حادثو قومي شاهراهه جي شوگر مل اسٽاپ چوراهي وٽ پيش آيو، جتي ڪراچي کان پشاور ويندڙ ڪار مسافر ڪوچ سان ٽڪرائجي وئي. حادثي جي نتيجي ۾ ڪار سوار هڪ ئي ڪٽنب جا 3 ڄڻا، ماءُ ملائڪا، پٽ محمد زڪريا ۽ محمد عارف موقعي تي فوت ٿي ويا. ڪار ۾ سوار ٽي معصوم ٻار عروج، فاطمه ۽ خديجه پڻ زخمي ٿي پيا.

سمورن فوتين ۽ زخمين کي فوري طور تعلقه هيڊڪوارٽر اسپتال قاضي احمد ۽ پي ايم يو اسپتال نواب شاهه منتقل ڪيو ويو، جتي زخمين کي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي.

تبصرے بند ہیں۔