رينجرز جي ڪارروائي، ٽوپي گينگ جا 7 ميمبر گرفتار

ڪراچي:  ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ۾ رينجرز ڪارروائي ڪري ٽوپي گينگ جا 7 ميمبر گرفتار ڪري ورتا.
رينجرز ترجمان موجب گرفتار جوابدار ڦر، اسٽريٽ ڪرائم ۽ موٽرسائيڪل چوري ۾ ملوث آهن، جوابدارن کان هٿيار، موبائل فون ۽ نقدي هٿ ڪئي وئي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ٽوپي گينگ سڄي سنڌ ۾ 900 کان وڌيڪ واقعن ۾ ملوث هو، جوابدار 2018 کان ڏوهاري سرگرمين ۾ سرگرم هو، جڏهن ته جوابدار ڪراچي، سکر، ڪنڌڪوٽ ۽ روهڙي ۾ به واقعا ڪري رهيا هئا.
رينجرز ترجمان وڌيڪ چيو ته جوابدارن جي بسن ۾ مسافرن کان پاڪيٽ چوري ۾ ملوث هجڻ جو به انڪشاف ٿيو آهي، جڏهن ته سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ مکيه جوابدار محمد ظفر جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي.
رينجرز ترجمان موجب گرفتار جوابدارن خلاف مختلف ٿاڻن ۾ ڪيترائي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، وڌيڪ ساٿين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

تبصرے بند ہیں۔