فاروق ستار وزيراعظم کان گورنر سنڌ جي تبديلي واري فيصلي تي نظرثاني جو مطالبو ڪري ڇڏيو

ڪراچي:   ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سينئر اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر فاروق ستار چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري کي هٽائڻ واري فيصلي تي نظر ثاني ڪري.

پنهنجي هڪ بيان ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ امين الحق چيو ته سنڌ جي گورنر جي تبديلي تي وزيراعظم سان ملاقات ۾ خدشن جو اظهار ڪنداسين.

هن چيو ته ايم ڪيو ايم کي اعتماد ۾ وٺڻ کان سواءِ سنڌ جي گورنر کي هٽايو ويو، ڪوشش هوندي ته آئنده به سنڌ جي گورنر جو عهدو ايم ڪيو ايم کي ملي. امين الحق وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت جي ناقص ڪارڪردگي سبب ترقياتي منصوبا دير جو شڪار ٿيا آهن.

هوڏانهن ڪامران ٽيسوري کي گورنر جي عهدي تان هٽائڻ جي معاملي تي  ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سينئر اڳواڻ فاوق ستار چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ڪامران ٽيسوري کي هٽائڻ جي فيصلي تي نظر ثاني ڪري ۽ ڪامران ٽيسوري کي انهي جي عهدي تي ٻيهر بحال ڪري.

 

تبصرے بند ہیں۔