عيد جي چنڊ بابت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ شهري درخواست داخل ڪري ڇڏي

اسلام آباد: عيد جي چنڊ بابت شهري پنهنجي درخواست کڻي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پهچي ويو. رپورٽ موجب عيد جو چنڊ ڏسڻ کان پوءِ جلدي اعلان جو حڪم ڏيڻ لاءِ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل شهري جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ عدالت مذهبي معاملن واري وزارت کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

ٻڌڻي جي دوران چيف جسٽس سرفراز ڊوگر ريمارڪس ڏنا ته چنڊ نظر ايندو تڏهن ئي اعلان ڪيو ويندو. پهريان چنڊ جون شهادتون چئني صوبن مان گڏ ڪيون وينديون آهن، پوءِ گڏجاڻيون ٿينديون آهن انهي کان پوءِ فيصلو ڪيو ويندو آهي، انهي لاءِ  انهي ۾ دير ٿي ويندي آهي. چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته چنڊ نظر نه اچڻ کان سواءِ اعلان نٿو ڪري سگهجي، پر انهي باوجود اوهان جي درخواست تي رپورٽ طلب ڪري  ٿا وٺون.

ٻڌڻي جي دوران درخواستگذار شهري عبدالله شفيق  ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيو. درخواستگذار استدعا ڪئي ته رويت هلال ڪميٽي کي حڪم ڏنو وڃي ته چنڊ جو اعلان جلد ڪيو وڃي ڇو ته اعلان ۾ دير سبب ماڻهو تراويح به پڙهي وٺندا آهن ۽ رات دير سان اعلان ثيڻ سبب مارڪيٽن ۾ اوچتو رش به وڌي ويندو آهي.

درخواستگذار وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ته انتظاميه کي امن امان  آرڊر صورتحال کان بچائڻ جي لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي وڃي ۽ عيد شاپنگ جي دڪانن کان علاوه ٻيون مارڪيٽون بند رکڻ جو حڪم ڏنو وڃي. هن استدعا ڪئي ته رويت هلال ڪميٽي کي چنڊ ڏسي فوري طور تي اعلان ڪرڻ جو پابند بنايو وڃي. عدالت مذهبي معاملن واري وزارت کان رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت ايندڙ ٻڌڻي جي تاريخ به نه ڏني.

 

تبصرے بند ہیں۔