تل ابيب: اسرائيل جي دفاع واري وزير اسرائيل ڪاٽز دعويٰ ڪئي آهي ته ايران جو سيڪيورٽي چيف علي لاريجاني هڪ ڪارروائي دوران شهيد ٿي ويو آهي.
اسرائيلي اختيارين موجب اها ڪارروائي تازن حملن جي دوران ڪئي وئي پر انهي جا وڌيڪ تفصيل فوري طور تي سامهون نه اچي سگهيا آهن.
ٻئي طرف انهي دعويٰ تي ايران جي طرفان اڃان تائين ڪوبه باضابطه رد عمل سامهون نه آيو آهي، جنهن سبب انهي خبر جي آزاد ذريعن کان تصديق نه ٿي سگهي آهي.
ياد رهي ته ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ جي دوران اهڙي نوعيت جون دعوائون سامهون اينديون رهيون آهن جنهن جي تصديق بعد ۾ مختلف ذريعن کان ٿيندي رهي آهي.
تبصرے بند ہیں۔