پاڪستان کي تيل وڪرو ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، پاڪستان طرفان رابطو ڪيو ويو ته انهن کي سستو تيل ڏينداسين: روسي سفير

اسلام آباد:  پاڪستان ۾ مقرر روسي سفير البرٽ پي خوريف چيو آهي ته جيڪڏهن پاڪستان رابطو ڪيو ته روس انهي کي سستو تيل فراهم ڪندو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي روسي سفير چيو ته اسان پاڪستان کي تيل وڪرو ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون پاڪستان به انهي صورتحال مان فائدو کڻي سگهي ٿو.

البرٽ پي خوريف چيو ته تيل جي خريداري لاءِ پاڪستان طرفان روس سان رابطن جو اڃان تائين مون کي علم نه آهي، پاڪستان رابطو ڪيو ته انهن کي تيل سستو ڏينداسين، توانائي جو شغبو پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون جو اهم ٿنڀو آهي.

روسي سفير وڌيڪ چيو ته ايران سان ڪيترن ئي ڏهاڪن کان فوجي ۽ ٽيڪنيڪي تعاون آهي، ايران جو رد عمل آمريڪي فوجي ٺڪاڻڻ جي خلاف هو، جيڪو عرب آبنائن ۾ موجود آهي. .ايران جي ڪارروائين ۽ وچ اوڀر جي صورتحال تي وڌيڪ ڪجهه نٿو چوان صورتحال تمام گهڻي خراب آهي.

البرٽ پي خوريف چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ جي فوجي مهم جوئي تي سموري دنيا حيران آهي. موجوده ڇڪتاڻ ڪڏهن ۽ ڪيئن ختم ٿيندي انهي جي اڳڪٿي هن وقتت ممڪن نه آهي، صورتحال تمام گهڻي ڏکي آهي. هن چيو ته اسان ايران ۾نياڻين جي اسڪول تي حملي جي سخت مذمت ڪريون ٿا. ايران ۾ اسڪول تي حملن ۾ 170  ٻارن جو شهيد ٿيڻ مذمت جوڳو آهي. سمورين ڌرين کان مطالبو آهي ته طاقت جي استعمال کان پاس ڪيو وڃي. مسئلن جو حل گڏيل قومن جي چارٽرڊ موجب سياسي ۽ سفارتي طريقي سان ڪڍڻ گهرجي.

روسي سفير چيو ته آمريڪا ۽ اسرائيل ايران تي طاقت جو استعمال ڪري بحران کي وڌيڪ وڌايو، آمريڪا ۽ اسرائيل ايران جي  قيادت کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. اسلامي دنيا ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

 

تبصرے بند ہیں۔