ايران جي قومي سلامتي جو سيڪريٽري علي لاريجاني اسرائيلي حملي ۾ شهيد

تهران:  ايران جي قومي سلامتي ڪونسل جو سيڪريٽري علي لاريجاني آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملي ۾ شهيد ٿي ويو.

ايراني اختيارين  علي لاريجاني جي شهادت جي تصديق ڪري ڇڏي، ايراني ميڊيا موجب آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملي ۾ علي لاريجاني جو پٽ مرتضيٰ به شهيد ٿي ويو آهي. ايراني ميڊيا موجب علي لاريجاني کي اوڀر تهران ۾ نشانو بنايو ويو هو اهو تهران جي اوڀر ۾ پنهنجي پٽ سان ملڻ لاءِ ويل هو.

علي لاريجاني جي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي پوسٽ ڪئي وئي ته ايران جو پيارو ۽ قابل فخر قوم، مسلمان عوام ۽ دنيا جا آزاد ماڻهو! خدا جو بندو خدا سان وڃي ملي، علي لاريجاني جي اڪائونٽ تي وڌيڪ لکيو ويو ته الله جي ماڻهن مان هڪ ٻيو ماڻهو شهيد ٿي ويو آهي.

انهي کان پهرين علي لاريجاني جي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي هٿ سان لکيل پيغام جاري ڪيو ويو هو جنهن ۾ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو هو. اسرائيل گذريل ڏينهن ايران جي قومي سلامتي جي صلاحڪار علي لاريجاني کي نشانو بنائڻ جي دعويٰ ڪئي هئي. اسرائيلي فوج چيو هو ته علي لاريجاني کي تهران ۾ هڪ هنڌ تي نشانو بنايو ويو جنهن ۾ ايران جي گهرو سيڪيورٽي فورس بسيج جو ڪمانڊر  غلام رضا سليماني به شهيد ٿي ويو.

 

تبصرے بند ہیں۔