ممبئي: بالي ووڊ جي اداڪار سنجي دت ۽ ن ورا فحي جو نئون گيت مشڪل پئجي ويو. ڀارتي ميڊيا موجب اداڪار سنجي دت جي نئين ايندڙ فلم(ڪي ڊيل دي ڊيول جو گيت) سر ڪي چونر تيري سر ڪي يو ٽيوب تي رليز ڪيو ويو جنهن جي مٿان رليز ٿيڻس سان تنقيد شروع ٿي وئي آهي
ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ايڊووڪيٽ جندال سينٽرل بورڊ آف فم سرٽيفڪيشن کي شڪايت داخل ڪرائي جنهن ۾ گيت جي خلاف فوري قانوني ڪارروائي جي درخواست داخل ڪئي وئي آهي. ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ايڊووڪيٽ انهي جي شڪايت اطلاعات واري وزارت ۽ نشيات کي به ڪئي وئي آهي ۽ ڄاڻايو ويو آهي ته گيت جا ڪجهه ٻول واضح طور تي قابل اعتراض ۽ عوامي استعمال جي لاءِ نامناسب آهن، جڏهن ته فلم بندي ۾ فحاشي کي به ڏيکاريو ويو آهي.
شڪايت ڪندڙ موجب اهڙا گيت ۽ ٻول ننڍي عمر جي ٻارن ۽ نوجوانن لاءِ صحيح عمل نه آهي انهي ڪري گيت تي فوري طور تي پابندي لڳائي وڃي.
تبصرے بند ہیں۔