ڍاڪا: پاڪستاني ٽيم جي مڊل آرڊر بيٽسمين سلمان علي آغا بنگلاديش جي خلاف ٻئين ون ڊي ميچ ۾ تڪراري رن آئوٽ ٿيڻ تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن مان مخالف رانديگر جي جڳهه هجان ها ته فيصلو مختلف ڪريان ها.
ڍاڪا جي شير بنگلا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ جي دوران بنگلاديش جي ڪپتان مهدي حسن مرزا آغا سلمان کي نان اسٽرائيڪر اينڊ پررن آئوٽ ڪري ڇڏيو هو جنهن تي پاڪستاني رانديگر ميدان کان ٻاهر ويندي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو هو.
اڳوڻي پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگر رميز راجا ۽ حمد حفيظ به بنگلاديش جي ڪپتان جي انهي حرڪت کي اسپورٽس مين اسپرٽ جي ابتڙ قرار ڏنو هو ۽ انهي عمل تي مهدي حسن کي سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد کي منهن ڏيڻو پيو هو.
ميچ کان پوءِ پريس ڪانفرنس ۾ آغا سلمان چيو ته قانون موجب منهنجو رن آئوٽ صحح هو پر منهنجي خيال ۾ انهي موقعي تي اسپورٽس مين اسپرٽ کي ترجيح ڏيڻ گهرجي ها. هن چيو ته جيڪڏهن مان انهي صورتحال ۾ هجان ها ته شايد مختلف فيصلو ڪريان ها بال پيڊ ۽ بيٽ سان لڳڻ کان پوءِ ڊيڊ ٿي چڪي آهي انهي لاءِ مان بال کي ڊيڊ سمجهي واپس بالر کي ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هئس.
تبصرے بند ہیں۔