ڪراچي: سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ عيدالفطر جي موقعي تي مسافرن کان وڌيڪ ڀاڙن جو بار روڪڻ جي لاءِ مهم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.
شرجيل ميمڻ پوليس، سمورن ضلعن جي انتظاميه، اين ايڇ اي، ٽريفڪ ۽ ٽرانسپورٽ سميت سمورن لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته اهي پنهنجي اختيار جي دائري ۾ وڌيڪ ڀاڙو وصول ڪندڙ ٽرانسپورٽرز جي خلاف فوري طور تي ڪارروائي ڪن ۽ روزاني جي بنياد تي رپورٽ اماڻين.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪجهه ٽرانسپورٽرز طرفان هٿ ٺوڪين ڀاڙن ۾ اضافو مسافرن تي اضافي بار وجهي رهيو آهي. عوام کي وڌ کان وڌ سهوليت ڏيڻ ۽ بنا اجازت ڀاڙن ۾ اضافو روڪڻ لاڳاپيل ادارن جي بنيادي ذميواري آهي. هن سمورن آفيسرن کي هدايت ڪئي ته وڌيڪ ڀاڙو وصول ڪندڙن جي خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪارروايون ڪيون وڃن ته جيئن مسافرن کي سرڪاري مقرر ڪيل ڀاڙن تي محفوظ ۽ ڀروسي جوڳي سفر جي سهوليت فراهم ڪري سگهجي.
سينئر صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته سمورا لاڳاپيل ادارا فيلڊ ۾ رهن ۽ عوامي شڪايتن جو فوري طور تي ازالو يقيني بنائين. هن چيو ته حڪومت جي ڪوشش آهي ته عيد جي موقعي تي هر مسافر کي بنا ڪنهن اضافي مالي بار جي محفوظ سفر جي سهوليت حاصل ٿي سگهي.
تبصرے بند ہیں۔