وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ: پي ايس ايڪس 100 انڊيڪس هڪ هفتي ۾ 3629 پوائنٽس گهٽ ٿي ويو

ڪراچي:  پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتو وچ اوڀر جنگ صورتحال جي اثر هيٺ رهيو.  پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس ڪاروباري هفتي جي دوران 3629 پوائنٽس گهٽ ٿي 153866 تي بند ٿيو.

ڪاروباري هفتي ۾ 100 انڊيڪس 14505 پوائنٽ جي بينڊ ۾ رهيو جڏهن ته 100 انڊيڪس جي هفتيوار بلند ترين شرح 158624 رهي. انهي کان علاوه 100 انڊيڪس جي هفتيوار گهٽ ترين سطح 144119 رهي. بازار ۾ هڪ هفتي جي دوران 2.25 ارب شيئر جا سودا 132 ارب روپين ۾ طئي ٿيا جڏهن ته مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن 369 ارب روپيه گهٽ ٿي  17329 ارب روپيه ٿي وئي.

 

تبصرے بند ہیں۔