وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ: پي ايس ايڪس 100 انڊيڪس هڪ هفتي ۾ 3629 پوائنٽس گهٽ ٿي ويو
ڪراچي: پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتو وچ اوڀر جنگ صورتحال جي اثر هيٺ رهيو. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس ڪاروباري هفتي جي دوران 3629 پوائنٽس گهٽ ٿي 153866 تي بند ٿيو.
ڪاروباري هفتي ۾ 100 انڊيڪس 14505 پوائنٽ جي بينڊ ۾ رهيو…