حضرت علي جو يوم شهادت سموري ملڪ ۾ مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي، سيڪيورٽي جا انتظام سخت

ڪراچي:  حضرت علي رضه جو يوم شهادت سموري ملڪ ۾ مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي. اڄ سمورن ننڍن وڏن شهرن مان جلوس برآمد ڪيا ويندا.

ڪراچي ۾ صدر جي مختلف روڊن ۽ گهٽين کي ڪنٽينر لڳائي بند ڪيو ويو آهي. مُک جلوس کان اڳ نشتر پارڪ ۾ مجلس عزا منعقد ٿيندي، جلوس حسينيه ايرانيان امام بارگاهه کهارا در پهچي اختتام پذير ٿيندو.

راولپنڊي ۾ يوم علي جو مُک جلوس امام بارگاهه ڪرنل مقبول پهچي اختتام پذير ٿي ويو. پشاور ۾ يوم علي جو جلوس امام بارگهاهه سيد عالم شاهه ختم تي ٿي ويو. جلوس ڪوچي بازار کان ٿيندو واپس امام بارگاهه سيد عالم شاهه تي اختتام پذير ٿيو.

سنڌ جي گهرو وزير ضياءُالحسن لنجار ڪراچي ۾ يوم علي جي جلوس وارن روٽن تي سيڪيورٽي جي سخت انتظامن جو جائزو ورتو ۽ سيڪيورٽي جا انتظام يقيني بنائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

سنڌ جي گهرو وزير چيو ته 28 فيبروري واقعي  جي انڪوائري ٿي رهي آهي. هن  وقت ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ هوندو. ڪنهن کي به ذميوار نٿو چئي سگهجي. هن پوليس آفيسرن جي بدلين کي انتظامي معاملو قرار ڏنو. ياد رهي ته 28 فيبروري تي ڪراچي ۾ آمريڪي قونصليٽ تي فائرنگ جي واقعي ۾ 11 ڄڻا مارجي ويا هئا.

 

تبصرے بند ہیں۔