فلوريڊا: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران تي آمريڪي حملن جي فيصلي بابت وڏو يو ٽرن وٺندي چيو ته مون کي اهو قدم کڻڻ لاءِ منهنجن ويجهن صلاحڪارن مشورو ڏنو هو.
آمريڪي اخبار جي رپورٽ موجب فلوريڊا ۾ پريس ڪانفرنس جي دوران ٽرمپ ٻڌايو ته ايران بابت صورتحال تيزي سان هڪ اهڙي مرحلي مرحلي تي پهچي وئي هئي جنهن کي هن پوائنٽ آف نو ريٽرن قرار ڏنو. ٽرمپ موجب صلاحڪار جيرڊ ڪشنر ۽ دفاع واري واري پيٽ بيهسٿ سان مشاورت کان پوءِ مون کي يقين ٿي ويو هو ته ايران آمريڪا تي حملي جي تياري ڪري رهيو آهي. ٽرمپ جو چوڻ هو ته جيڪڏهن آمريڪا اڳواٽ ڪارروائي نه ڪري ها ته ايران هڪ هفتي جي اندر حملو ڪري سگهيو ٿي.
هن دعويٰ ڪئي ته آمريڪي حملن ۾ ايران جي 51 بحري ٻيڙن کي تباهه ڪيو ويو جڏهن ته ڊرون ٺاهيندڙ ٺڪاڻن کي نشانو بنائڻ کان پوءِ ايراني ڊرون حملن ۾ 83 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي.
آمريڪي صدر وڌيڪ چيو ته آمريڪا وٽ گهٽ لاڳت ۾ دفاعي انٽر سيپٽر موجود آهن جيڪي ايراني ڊرون حملن جو موثر جواب ڏئي سگهن ٿا. ٽرمپ ايران کي خبردار ڪندي چيو ته جيڪڏهن تهران عالمي تيل جي ورهاست ۾ رڪاوٽ وجهڻ يا آبنائي هرمز بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته آمريڪا سخت فوجي رد عمل ڏيندو.
ٽرمپ اهو به اشارو ڏنو ته عالمي توانائي منڊي کي مستحڪم رکڻ جي لاءِ تيل تي لڳل پابندين ۾ نرمي تي غور ڪري سگهجي ٿو. هڪ ٻئي بيان ۾ ٽرمپ چيو ته ايران سان جاري جنگ جلد ختم به ٿي سگهي ٿي. پر هن تهران کي وڌيڪ ڇڪتاڻ کان پاسو ڪرڻ جي تنبيهه ڪئي.
هن چيو ته ايران ۾ هڪ ڇوڪرين جي اسڪول تي مبينه حملي جاا طلاع آهن جنهن جي جاچ ڪئي پئي وڃي. ٽرمپ ايران جي نئين قيادت تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته ڏسڻو پوندو ته اها قيادت امن جو رستو اختيار ڪري ٿي يا نه.
تبصرے بند ہیں۔