ايراني حملن تي سعودي عرب جي ڪابينه جو سخت رد عمل سامهون اچي ويو

رياض:  سعودي عرب وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جي حوالي سان واضح ڪيو آهي ته سعودي پنهنجي قومي سلامتي ۽ خودمختاري جي دفاع لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ جو حق محفوظ رکي ٿو.

سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان جي صدارت هيٺ سعودي ڪابينه جو اهم ورچوئل اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ خطي جي موجوده صورتحال ۽ سيڪيورٽي معاملن تي تفصيلي غور ڪيو ويو. اجلاس کان پوءِ جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سعودي عرب پنهنجي زمين ۽ قومي مفادن جي تحفظ لاءِ ضروري قدم کڻڻ  کان نه گهٻرائيندو.

ڪابينه ملڪ جي فضائي دفاعي نظام جي ڪارڪردگي جي تعريف ڪندي چيو ته دفاعي فورسز تازن حملن جي دوران اهم ٺڪاڻن کي نشانو بنائڻ جي ڪوششن کي وقت تي ناڪام بنائي ڇڏيو. سعودي ميڊيا موجب ڪابينه ايران طرفان سعودي عرب، عرب ملڪن ۽ ٻين عرب رياستن کي نشانو بناڻڻ وارن قدمن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي.

پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته شهري علائقن ۽ تيل جي ٺڪاڻن تي حملا عالمي قانون ۽ عالمي اصولن جي کليل ڀڃڪڙي آهي. ڪابينه انهي موقعي تي عرب تعاون ڪونسل ۽ يورپي يونين جي گڏيل وزارتي  اجلاس کي مثبت  اڳڀرائي قرار ڏنو جڏهن ته عرب ليگ جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ ايراني ڪارروائين جي خلاف منظور ڪيل مذمتي قراردادن کي به اهم قرار ڏنو ويو.

تبصرے بند ہیں۔