ايران جي ميزائل حملن جي 37هين لهر، اربينل، تل ابيب ۽ بحرين ۾ آمريڪي ۽ اسرائيلي مرڪزن تي حملا

تهران:  ايران جي پاسداران انقلاب اعلان ڪيو آهي ته  انهن آپريشن وعده صادق 4 جي تحت آمريڪي ۽ اسرائيلي حدفن جي خلاف حملن جي نئين لهر شروع ڪري ڇڏي آهي.

پاسداران انقلاب طرفان جاري ڪيل بيان موجب انهي آپريشڻ جي 37هين لهر جي دوران تقريبن 3 ڪلاڪ تائين مسلسل ميزائل حملا ڪيا ويا.

بيان ۾ چيو ويو ته حملن ۾ عراق جي شهر اربيل، بحرين ۾ آمريڪي بحريه جي ففٿ فليٽ جي هيڊ ڪوارٽر ۽ اسرائيل جي شهر تل ابيب ۾ فوجي مرڪز کي نشانو بنايو ويو.

ايراني پاسداران انقلاب موجب ڏکڻ تل ابيب ۾ واقع سيٽلائيٽ مواصلاتي مرڪز کي ٻيون ڀيرو نشانو بنايو ويو جڏهن ته والاريل بندر گاهه حفيه تي به  ميزائل فائر ڪيا ويا.

بيان موجب اهڙن حملن ۾ خيبر شڪن، قدر ۽ خرم شهر نالي ميزائل استعمال ڪيا ويا جن ۾ ڪيترائي وارڊ هيڊز لڳل هئا جڏهن ته قدر ميزائل جي وار هيڊز جو وزن تقريبن هڪ ٽن ٻڌايو ويو آهي. پاسداران انقلاب جو چوڻ آهي  آپريشن وعده صادق 4 گذريل مهيني انهي وقت شروع ڪيو ويو هو جڏهن آمريڪا ۽ اسرائيل ايران جي خلاف فوجي ڪارروايون شروع ڪيون.

 

تبصرے بند ہیں۔