اسلام آباد: گهرو وزارت جي درخواست تي اليڪشن ڪميشن بلدياتي چونڊن بابت اهم فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.
رپورٽ موجب اليڪشن ڪميشن بلدياتي چونڊن جا معاملا طئي ڪرڻ جي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي، انهي حوالي سان نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. تفصيل موجب اسلام آباد ۾ بلدياتي چونڊن بابت معاملي تي غور جي لاءِ ٺاهيل انهي ڪميٽي ۾ مختلف اختيارين کي شامل ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن موجب چيف ڪمشنر اسلام آباد محمد علي رندهاوا ڪميٽي جو ڪنوينر هوندو. جڏهن ته اليڪشن ڪميشن جو اسپيشل سيڪريٽري پاليسي ظفر اقبال حسين کي ڪميٽي جو ميمبر مقرر ڪيو ويو آهي.
انهي کان علاوه ايڊيشنل ڊائريڪٽر جنرل لوڪل گورنمينٽ اليڪشنز نديم قاسمي کي به ڪميٽي ۾ شامل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد عرفان نواز ميمڻ به ڪميٽي جو ميمبر مقرر ڪيو ويو آهي.
اليڪشن ڪميشن موجب ڪميٽي ٽائون ڪارپوريشن جي حد بندي جي نوٽيفڪيشن کي حتمي شڪل ڏيندي. اهڙي طرح هر ٽائون ڪارپوريشن ۾ يونين ڪونسلز جي تعداد وارن نوٽيفڪيشن تي به غور ڪيو ويندو. انهي کان علاوه حد بندي موجب لاڳاپيل نقشا ۽ علائقن جي نالن جي فراهمي به ڪميٽي جي ذميواري هوندي.
اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته ڪميٽي آءِ سي ٽي لوڪل گورنمينٽ ڪنڊڪٽ آف اليڪشنز رولز 2015 ۾ ترميم جو مسودو به تيار ڪندي. آءِ سي ٽي لوڪل گورنمنٽ ترميمي آرڊيننس 2026 موجب ترميم جلد تيار ڪئي ويندي. انهي مقصد جي لاءِ ڪميٽي باقاعدگي سان اجلاس منعقد ڪري معاملن کي جلد مڪمل ڪندي. اليڪشن ڪميشن موجب گذريل ڏينهن گهرو وزارت طرفان ڪميٽي ٺاهڻ جي درخواست ڪئي وئي هئي جنهن کان پوءِ اهو قدم کنيو ويو آهي.
تبصرے بند ہیں۔