پيوٽن ۽ ڊونلڊ ٽرمپ وچ ۾ هنگامي رابطو، روسي صدر ايران سان جنگ فوري ختم ڪرڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو

واشنگٽن:  روس جي صدر ولادي مير پيورٽن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي ايران سان جاري جنگ جلد ختم ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ٽيليفون رابطو ٿيو جنهن ۾ ايران سان جاري جنگ ۽ خطي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

روسي ايوان صدر ڪريملن جي پرڏيهي پاليسي جي مددگار بوري اوشاڪوف موجب انهن ڳالهين جي دوران صدر پيوٽن ٽرمپ کي جنگ جي خاتمي لاءِ ڪجهه تجويزون به پيش ڪيون.

رپورٽ موجب ٽيليفون تي ڳالهين ۾ ٻنهي اڳواڻن يوڪرين جي تڪرار، وينزويلا جي صورتحال ۽ عالمي تيل مارڪيٽ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. انهي کان اڳ صدر پيوٽن به اهو چئي چڪو آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل جي ايران جي خلاف جنگ   عالمي توانائي بحران کي جنم ڏنو آهي.

هوڏانهن روسي صدر تازو ئي ايران جي نئين سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنائي کي مبارڪباد جو پيغام اماڻيو. پنهنجي پيغام ۾ پيوٽن چيو ته موجوده حالتن ۾ ايران کي مضبوط قيادت جي ضرورت آهي مون کي اميد آهي ته مجتبيٰ خامنائي پنهنجي والد جي مشن کي وقار سان اڳيان وڌائيندو ۽ مشڪل حالتن ۾ ايراني قوم کي متحد رکندو.

 

تبصرے بند ہیں۔