اسلام آباد؛: وچ اوڀر ۾ جنگ سبب پاڪستان کان وچ اوڀر جون 85 اڏامون ملتوي ٿي ويون. ايران سان جنگ جو يارهون ڏينهن آهي اڄ به پاڪستان مان وچ اوڀر جون 85 اڏامون ملتوي جڏهن ته وڌيڪ 56 اڏامن جي به ملتوي ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
ڪراچي کان دبئي، شارجه ۽ ابوظهبي جون 26 اڏامون ملتوي ٿي ويون، جڏهن ته 10 وڌيڪ اڏامن جي ملتوي ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
اهڙي طرح لاهور کان وچ اوڀر جون 18 اڏامون ملتوي ٿيون جڏهن ته 10 جو آپريشن جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. اسلام آباد کان به 20 اڏامون ملتوي ٿي ويون، 11 اڏامن جي روانگي جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
ايران جنگ جي شروعات کان هينئر تائين پاڪستان مان وچ اوڀي جي ملتوي ٿيل اڏامن جو گڏيل تعداد 1600 کان به وڌي ويو آهي.
تبصرے بند ہیں۔