ڪراچي:آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ايران خلاف جنگ جلد ختم ٿيڻ جي اعلان جا دنيا جي معيشت تي مثبت اثر نظر اچي رهيا آهن۔
گذريل ڏينهن آمريڪي صدر هڪ انٽرويو دوران چيو ته ايران خلاف جنگ ختم ٿيڻ واري آهي، ايران جي بحري، هوائي ۽ فوجي صلاحيت ختم ڪري ڇڏي آهي ۽ جنگ وڏي حد تائين مڪمل ٿي چڪي آهي۔
آمريڪي صدر جي اعلان کان پوءِ دنيا ۾ تيل جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي ۽ تيل جون قيمتون 9 سيڪڙو تائين گهٽجي ويون، برطانوي خام تيل جي قيمت به 8 سيڪڙو گهٽجڻ کان پوءِ 90 ڊالر في بيرل تي پهچي وئي۔
پاڪستان سميت دنيا جي مختلف اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ به مثبت واڌارو ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي۔ اڄ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ واپار جو مثبت آغاز ٿيو ۽ 100 انڊيڪس 9728 پوائنٽس جي واڌاري سان 156209 تي واپار ڪندي نظر آيو۔
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ غير معمولي تيزي سبب واپار 45 منٽن لاءِ معطل ڪيو ويو. جڏهن واپار معطل ڪيو ويو ته 100 انڊيڪس 9303 پوائنٽس جي واڌاري سان 155783 پوائنٽس تي واپار ڪري رهيو هو۔ وقفي بعد به مثبت رجحان جاري رهيو.
ايشيائي مارڪيٽن ۾ به واپار جي شروعات ۾ واڌارو ڏسڻ ۾ آيو ۽ هانگ ڪانگ اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 1.2 سيڪڙو جڏهن ته ڪوريا ۾ 6.2 سيڪڙو واڌارو ڏسڻ ۾ آيو۔ جاپاني اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ به 3.2 سيڪڙو واڌارو ٿيو۔
تبصرے بند ہیں۔