اسلام آباد: چيف اليڪشن ڪمشنر بلدياتي چونڊن جي حوالي سان ٻڌڻي جي دوران ريمارڪس ڏنا آهن ته بدقسمتي سان هن حڪومت ۾ بلدياتي چونڊن کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي.
بلدياتي چونڊن ۾ دير جي معاملي تي اليڪشن ڪميشن ۾ ٻڌڻي ٿي جنهن جي سربراهي چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجه ڪئي. 5 رڪني ڪميشن جي ٻڌڻي ۾ گهرو وزير محسن نقوي طبيعت خراب هجڻ سبب پيش نه ٿي سگهيو، پر گهرو سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن ۾ شرڪت ڪئي. چيف اليڪشن ڪمشنر گهرو وزير جي غير حاضري کي آڏو رکندي انهي کي اڄوڪي ٻڌڻي کان ڇوٽ ڏئي ڇڏي.
ٻڌڻي جي دوران اليڪشن ڪميشن اختيارين چيو ته ڊرافٽ ۾ يونين ڪونسل جو نالو شامل ڪرڻ گهرو سيڪريٽري جو اختيار نه آهي، اهو اليڪشن ڪميشن جو مينڊيٽ آهي. اختيارين موجب يونين ڪائونسل جو نوٽيفڪيشن صحيح نه آهي. ٽائون ۽ نمبر ذريعي يونين ڪونسل جي ڄاڻ حاصل ڪئي ويندي هئي. جڏهن ته يوسي جا نالا طلب ناهن ڪيا ويا. هن وڌيڪ چيو ته گهرو سيڪريٽري يونين ڪونسل جو تعداد 125 مان وڌائي 130 ڪري ڇڏي ۽ وارڊ جي تفصيل ڏني جيڪا ضروري نه هئي.
گهرو سيڪريٽري توهين جي نوٽيس تي معذرت ڪندي ٻڌايو ته اسلام آباد بلدياتي اليڪشن حوالي سان ڪابينه جي سامهون ڊرافٽ نوٽيفڪيشن منظوري جي لاءِ پيش ڪيو ويو آهي قانون واري وزارت طرفان جواب ملي چڪو آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته فيبروري 2021 کان اسلام آباد ۾ بلدياتي چونڊون ناهن ٿيون. انهي دوران مختلف حڪومتن مقامي حڪومت جي حوالي سان مثبت رسپانس ڏنو پر موجوده حڪومت ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ بلدياتي حڪومت کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي جنهن تي توهين جو نوٽيس جاري ڪرڻو پيو.
چيف اليڪشن ڪمشنر گهرو سيڪريٽري جي موجودگي تي نوٽيس واپس وٺي ڇڏيو ۽ اعلان ڪيو ته اسلام آباد ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ آءِ سي ٽي ڊي جي اهلڪارن تي ٻڌل هڪ ڪميٽي قائم ڪئي ويندي جنهن جي سربراهي چيف ڪمشنر يا ڊي سي ڪندو ته جيئن معاملا صحيح طريقي سان هلي سگهن. هن چيو ته اسلام آباد ۽ پنجاب ۾ اليڪشن جي حوالي سان سنجيدگي سان قدم کنيا ويندا. هاڻ وڌيڪ دير نه ٿيندي. ٻڌڻي کان پوءِ اليڪشن ڪميشن ڪيس جي وڌيڪ ڪارروائي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.
تبصرے بند ہیں۔