ڪراچي: وچ اوڀر ۾ جنگ جي صورتحال سبب عالمي مارڪيٽن ۽ مقامي مارڪيٽن کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي. سون جون عالمي ۽ مقامي مارڪيٽن ۾ اڄ به قيمتون گهٽ ٿي ويون آهن.
عالمي بلين مارڪيٽ ۾ اڄ خميس جي ڏينهن في اونس سون جي قيمت 28 ڊالر جي گهٽتائي سان 5 هزار 144 ڊالر جي سطح تي اچي وئي آهي.
ٻئي طرف مقامي صرافه بازارن ۾ اڄ 24 قيراط جي برابر في تولي سون جي قيمت به 2 هزار 800 روپين جي گهٽتائي سان 5 لک 37 هزار 162 روپين تي اچي وئي آهي.
اهڙي طرح مقامي سطح تي في 10 گرام سون جي قيمت 2 هزار 401 روپيه گهٽ ٿي 4 لک 60 هزار 529 روپين جي سطح تي اچي وئي آهي.
مقامي مارڪيٽ ۾ اڄ في تولو چاندي جي قيمت 194 روپين جي گهٽتائي سان 8 هزار 810 روپين جي سطح تي اچي وئي. جڏهن ته في 10 گرام چاندي جي قيمت به 166 روپين جي گهٽتائي سان 7 هزار 553 روپين جي سطح تي اچي وئي آهي.
تبصرے بند ہیں۔