اي اين ايف جون ڪارروايون، 20 ڪلو منشيات هٿ، 6 شڪي گرفتار

ڪراچي:  اينٽي نارڪوٽڪس فورس (اي اين ايف) ملڪ جي مختلف شهرن ۾ 7 ڪاررواين دوران 20 ڪلوگرام منشيات هٿ ڪري ورتي آهي ۽ هڪ عورت سميت 6 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.اي اين ايف ترجمان موجب، ڪارروايون اٽڪ، جهنگ، ڪراچي ۽ پشاور ۾ ڪيون ويون، جنهن دوران 15 ڪلوگرام چرس ۽ 5 ڪلوگرام برف هٿ ڪئي وئي.ترجمان چيو ته گرفتار ٿيل شڪي ماڻهن مان هڪ تعليمي ادارن جي شاگردن کي منشيات وڪڻڻ جو اعتراف به ڪيو آهي.اي اين ايف چيو ته شڪي ماڻهن خلاف نارڪوٽڪس ڪنٽرول ايڪٽ 1997 تحت ڪيس داخل ڪيا ويا آهن ۽ وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

تبصرے بند ہیں۔