اسلام آباد: وزيراعظم محمد شهباز شريف سان خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي جي اهم ملاقات ٿي، جنهن ۾ موجوده سياسي صورتحال ۽ صوبائي ترقي، امن ۽ عوام جي ڀلائي سان لاڳاپيل معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن صوبائي ترقياتي منصوبن ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ مستقبل جي حڪمت عملي تي زور ڏنو.
ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير سردار محمد يوسف ۽ وزيراعظم جو صلاحڪار رانا ثناءالله پڻ موجود هو. ملاقات دوران مختلف ترقياتي منصوبن، عوامي فلاح ۽ صوبائي امن قائم رکڻ لاءِ تعاون تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون.
گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته صوبو ترقي جي راهه تي تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ وفاق سان مضبوط تعاون ذريعي عوام جي زندگي ۾ بھتري آڻڻ جا قدم جاري رهندا. وزيراعظم پڻ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته وفاق ۽ صوبا گڏجي عوام جي خدمت ۽ ملڪ جي استحڪام لاءِ ڪم ڪن.
تبصرے بند ہیں۔