ڪراچي:سوئي سدرن ايل اين جي جي درآمد بند ٿيڻ سبب رمضان المبارڪ دوران گئس شيڊول ۾ تبديلي جو فيصلو ڪيو آهي.ذريعن موجب، سوئي سدرن گذريل سال جي گئس شيڊول کي بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته گذريل سال وانگر، افطار لاءِ گئس 3 وڳي کان رات 9:30 وڳي تائين کليل رهندي، جڏهن ته سحري لاءِ گئس 3 وڳي کان صبح 9 وڳي تائين کليل رهندي.ذريعن موجب، تبديل ٿيل گئس شيڊول جو باضابطه اعلان جلد ڪري سگهجي ٿو.
تبصرے بند ہیں۔