حڪومت موجوده صورتحال ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن جو هفتيوار جائزو وٺڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو

اسلام آباد:  وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال سبب وفاقي حڪومت طرفان پيٽروليم شين جي لاءِ اهم تجويزون پيش ڪيون ويون آهن.

ذريعن موجب توانائي واري وزارت تجويزن تي ورڪنگ تيار ڪري وزيراعظم کي بريفنگ ڏني جنهن جي تحت پيٽروليم شين جون قيمتون 15 ڏينهن جي بجاءِ هفتيوار ريوائز ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي. اهڙي طرح پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون انٽرنيشنل مارڪيٽ سان هڪ  جهڙائي تي ايڊجسٽ ڪيون وينديون.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم معاشي ٽيم جي مشاورت سان قيمتن کي ريوائز ڪرڻ جو فيصلو ڪندو. صورتحال سنگين رهڻ جي صورت ۾ وفاقي حڪومت طرفان جلد فيصلي جو امڪان آهي. ٻئي طرف وفاقي حڪومت طرفان پيٽروليم شين جي ذخيره اندوزي جي خلاف به مانيٽرنگ سخت ڪئي وئي آهي.

 

 

 

تبصرے بند ہیں۔