جيل ۾ اک جو علاج ناهي دل جو ڪيئن ڪندا،جسٽس عقيل

اسلام آباد:  سپريم ڪورٽ جي جسٽس عقيل عباسي قتل جي مجرم دلاور خان جي طبي بنيادن تي ضمانت جي درخواست جي ٻڌڻي دوران اهم ريمارڪس ڏنا ۽ چيو ته جيل ۾ توهان جي اکين جو علاج به ناهي ٿيو، توهان پنهنجي دل جو ڇا ڪندا؟سپريم ڪورٽ قتل جي مجرم دلاور خان جي طبي بنيادن تي ضمانت جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، ۽ پشاور ڪارڊيالوجي جي ڊاڪٽرن تي مشتمل هڪ ميڊيڪل بورڊ ٺاهيو ويو.درخواستگذار جي وڪيل چيو ته منهنجو موڪل دل جي بيماري ۾ مبتلا آهي، حيات آباد ميڊيڪل ڪمپليڪس جي رپورٽ ۾ جوابدار کي آپريشن ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي، پر جيل ۾ ڊسپرين کانسواءِ ڪجهه به ناهي.جسٽس عقيل عباسي اهم ريمارڪس ڏنا ته توهان جي جيل ۾ اکين جو علاج به ناهي ٿيو، توهان پنهنجي دل جو ڇا ڪندا؟ جسٽس ملڪ شهزاد پڇاڻو ڪيو ته ملزم هن وقت ڪهڙي جيل ۾ آهي؟ وڪيل چيو ته ملزم مردان جيل ۾ آهي.جسٽس ملڪ شهزاد ريمارڪس ڏنا ته مردان ۾ ئي هڪ ميڊيڪل بورڊ ٺهي ٿو، جنهن تي وڪيل چيو ته مردان ۾ ڪارڊيالاجي اسپتال نه پر پشاور ڪارڊيالاجي ۾ هجڻ گهرجي.عدالت پشاور ڪارڊيالاجي جي ڊاڪٽرن تي مشتمل هڪ ميڊيڪل بورڊ ٺاهيو ۽ ميڊيڪل بورڊ کان 9 مارچ تائين رپورٽ طلب ڪئي.

تبصرے بند ہیں۔