ڪوهاٽ :ڪوهاٽ جي هڪ مضافات ۾ پوليس موبائل تي حملي ۾ ڊي ايس پي سميت 4 اهلڪار شهيد ٿي ويا.ڊي پي او ڪوهاٽ موجب مضافات ۾ شڪردرا روڊ تي هڪ پوليس موبائل تي فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي آفيسر زخمي ٿيا.ڊي پي او بعد ۾ تصديق ڪئي ته پوليس موبائل تي دهشتگرد حملي ۾ ڊي ايس پي وحيد محمود سميت ٽي آفيسر شهيد ٿيا، جڏهن ته چار آفيسر پڻ زخمي ٿيا ۽ انهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.پوليس عملدارن موجب، حملي کان پوءِ دهشتگردن پوليس موبائل کي به باهه ڏني ۽ فرار ٿي ويا، جڏهن ته علائقي ۾ پوليس جي وڏي نفري کي طلب ڪيو ويو آهي.
تبصرے بند ہیں۔