ڪرڪ: خيبرپختونخواهه جي ضلعي ڪرڪ ۾ فيڊرل ڪانسٽيبلري قلعي تي ڪواڊ ڪاپٽر حملي ۾ پنج اهلڪار زخمي ٿي پيا، جڏهن ته زخمي اهلڪارن کي اسپتال کڻي ويندڙ ايمبولينس تي به فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٽي زخمي اهلڪار شهيد ٿي ويا.ڊي پي او ڪرڪ موجب، درگا شهيدان علائقي ۾ هڪ ايف سي قلعي تي ڪواڊ ڪاپٽر سان حملو ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ پنج فيڊرل ڪانسٽيبلري اهلڪار زخمي ٿيا جن کي ايمبولينس ذريعي اسپتال پهچايو ويو.پوليس چيو ته بعد ۾، زخمي ايف سي اهلڪارن کي اسپتال کڻي ويندڙ ايمبولينس تي به هٿياربند ماڻهن فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه ريسڪيو اهلڪار زخمي ٿي پيا.پوليس موجب، زخمي فيڊرل ڪانسٽيبلري اهلڪارن کي کڻي ويندڙ ايمبولينس تي بهادر خيل ۾ فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ايمبولينس ۾ موجود ٽي زخمي فيڊرل ڪانسٽيبلري اهلڪار شهيد ٿي ويا.پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ جي ٻين متاثرين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته واقعي کان پوءِ، پوليس علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ شڪي ماڻهن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.
تبصرے بند ہیں۔