ڪراچي: ڪراچي شهر وڏي تباهي کان ذري گهٽ بچي ويو، شاهه لطيف ٽائون ۾ سي ٽي ڊي ۽ دهشتگردن جي وچ ۾ ٿيل مقابلي ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا.
ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي اظفر مهيسر ۽ ايس ايس پي سي ٽي ڊي عرفان بهادر صحافين کي ٻڌايو ته اهو آپريشن گرفتار دهشتگردن تي نشاندهي تي ڪيو ويو. مقابلي جي دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي جنهن جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل چارئي دهشتگرد مارجي ويا.
مارجي ويل دهشتگردن ۾ جليل عرف فريد، نياز عرف ڪنگ ۽ حمدان عرف فريد شامل آهن جڏهن ته هڪ جي سڃاڻپ جي ڪوشش جاري آهي. اختيارين جو چوڻ آهي ته دهشتگرد پنهنجي ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويا. مقابلي ۾ سي ٽي ڊي جا 2 اهڪار به زخمي ٿيا جن ۾ هيڊ ڪانسٽيبل محمد يوسف ۽ سپاهي راجه جنيد شامل آهن ٻنهي کي فوري طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي.
سي ٽي ڊي موجب جنوري جي آخر ۾ تقريبن 2 هزار ڪلو بارودي مواد هٿ ڪري ٽن دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو هو انهن جي ئي نشاندهي تي شاهه لطيف ٽائون ۾ اها ڪارروائي عمل ۾ آندي وئي. گرفتار دهشتگردن جو تعلق مبينه طور تي فتنه آل هندستان بشير زيب نيٽ ورڪ سان ٻڌايو پيو وڃي.
علائقي ۾ وڌيڪ خطرن کي نظر ۾ رکندي بم ڊسپوزل اسڪواڊ کي طلب ڪيو ويو آهي جنهن گهر جي تلاشي دوران وڏي مقدار ۾ بارودي مواد جي موجودگي جي تصديق ڪئي. رپورٽن موجب گهر ۾ ڊرمن ۾ آءِ اي ڊيز تيار ڪيو پئي ويو. بم ڊسپوزل اسڪواڊ ڊيٽونيٽرز، ڊيٽونيٽڪ واٽر ۽ سرڪٽس به هٿ ڪري ورتا آهن.
اختيارين موجب بارودي مواد کي ناڪاره بنائڻ جو عمل جاري آهي. ڊي فيوز ڪرڻ کان پوءِ انهي کي محفوظ هنڌ تي منتقل ڪيو ويندو. سي ٽي ڊي فرار ٿي ويل دهشتگردن جي گرفتاري لاءِ ضلعي ملير سميت مختلف ضلعن ۾ ناڪه بندي ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته سرچ آپريشن اڃان تائين جاري آهي.
تبصرے بند ہیں۔